آمريڪي ڪوششن سان غزه ۾ جنگبندي کي ممڪن بڻايو

آمريڪي ڪوششن سان غزه ۾ جنگبندي کي ممڪن بڻايو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي آمريڪي ڪوششن سان ممڪن ٿي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته کيس خوشي آهي ته 13 اسرائيلي آزاد ٿي پنهنجن پيارن تائين پهچي ويا آهن.سندس چوڻ آهي ته ڪوشش هئي ته پهرين مرحلي ۾ 50 کان وڌيڪ اسرائيلين کي آزاد ڪيو وڃي.آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته جمعي تي آزاد ڪيل 13 اسرائيلي يرغمالين ۾ عورتون به شامل آهن.هن اهو به چيو آهي ته خطي جي اڳواڻن سان فون تي جنگ بندي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪا جنگ بندي لاءِ زور ڀريندو رهيو ته جيئن اسرائيلين کي آزاد ڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو