آمريڪي جهاز هنگامي صورتحال کان پوءِ محفوظ لينڊنگ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)لاس اينجلس کان نيويارڪ ويندڙ آمريڪي ايئرلائن جي اڏام ۾ هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي.لاس اينجلس کان نيو يارڪ ويندڙ يونائيٽيڊ ايئر لائنز جي اڏام جيئن ئي اڏام ڪئي ته هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي.بوئنگ 757 جهاز، فلائيٽ UL 1076، نيويارڪ لاءِ 12 لڳي 25 منٽن تي اڏام ڪيو ۽ ٽيڪ آف کان 12 منٽن بعد، ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول کي جهاز مان ايمرجنسي سگنل مليا.اي ٽي سي جي هدايت تي پائلٽ جهاز کي هوا ۾ رکيو ۽ روانگي منسوخ ڪري ڇڏي، پائلٽ جهاز سان سمنڊ جو چڪر لڳائيندو رهيو.بعد ۾ جهاز اڌ ڪلاڪ کانپوءِ لاس اينجلس ايئرپورٽ تي محفوظ لينڊ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو