آمريڪا پاران تائيوان لاءِ پهرين سڌي فوجي امداد جي منظوري

آمريڪا پاران تائيوان لاءِ پهرين سڌي فوجي امداد جي منظوري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا پرڏيهي امداد پروگرام تحت تائيوان کي پهرين سڌي فوجي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب آمريڪا تائيوان کي 80 ڪروڙ ڊالرن جو فوجي پيڪيج ڏيندو.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ان قدم سان آمريڪا جي تائيوان لاڳاپن واري ايڪٽ ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ون چائنا پاليسي ۾ تبديلي ناهي آئي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آمريڪا تائيوان اسٽريٽ ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب تائيوان اسٽريٽ ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي.ان حوالي سان تائيوان جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته آمريڪي امداد علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي.پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جولاءِ ۾ تائيوان کي 345 ملين ڊالر ماليت جي فوجي امداد جي به منظوري ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو