زرداري ۽ فريال جون طبي بنياد تي ضمانت جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپورطبي بنيادن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون آهن. جيڪي عدالت اربع تي ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ڇڏيون آهن. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪيسن ۾ پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ذريعي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ نيب ۽ احتساب عدالت نمبر 2 کي پارٽي بڻائي آهي. آصف علي زرداري موقف اختيار ڪيو آهي ته مون کي دل جي بيماري آهي ۽ ٽي اسٽنٽ به وڌا ويا آهن شُگر جو مريض آهيان ۽ شوگر ليول ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مستقبل علاج جي ضرورت آهي. آصف زرداري ميڊيڪل رپورٽون درخواست سان جوڙي استدعا ڪئي آهي ته هن کي ڪيتريون ئي بيماريون آهن ان ڪري علاج لاءِ ضمانت منظور ڪئي وڃي. فريال ٽالپور ضمانت واري درخواست ۾ چيو آهي ته معذور ٻار جي والده آهيان ان جي سار سنڀال لاءِ ٽرائل مڪمل ٿيڻ تائين ضمانت منظور ڪئي وڃي. واضح رهي ته ڪالهه پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو هو ته طبي بنيادن تي آصف علي زرداري جي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي ويندي. پمز اسپتال ۾ والد سان ملاقات بعد ٻنهي ڀينرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو هو ته آصفه ڀٽو جي درخواست تي زرداري صاحب ضمانت جي درخواست جي اجازت ڏني. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آصف زرداري جي دل جي هڪ نس بلاڪ آهي ان جي تشخيص لاءِ اسين پراڻن ڊاڪٽرن جيڪي سندن علاج ڪندا رهيا آهن انهن جي راءِ ڄاڻڻ گهرون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو