آر او پلانٽ جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلو(ن س)  آراو پلانٽ جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي فقير محمد، گلزا، گل حسن ميراڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته 2012 کان گهوٽڪي ضلعي ۾ 14 آر او پلانٽ عادلپور، قادرپور، چنگلاڻي، خانڳڙه، خانپور مهر، فتح پور، جروار، لوهي پل، ڳوٺ صاحب خان لنڊ، غازي دڙي، ميرخان وسير۽ ٻيا لڳل آهن جنهن تي اسان ڊيوٽي ڪري رهيا آھيون. پهريان هر هڪ آر او پلانٽ تي 2 ملازم مقرر ٿيل هئا ۽ هاڻي انهن کي هٽائي هڪ هڪ ملازم رکيو اٿن جيڪا زيادتي آهي. هنن چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ 14 ملازم آھيون ۽ اسان کي 8 مهينن کان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي سي گهوٽڪي کي پگهارون جاري ڪرڻ جو پڻ چيو آهي پر هن مهل تائين ڪجهه به ناهي ٿيو ۽ اسان فاڪه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جون رهيل پگهارون ڏنيون وڃن تي جيئن اسان ۾ پيل بيچيني ختم ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو