آرمي چيف جي مدي بابت عدالتي فيصلي خلاف اسٽي ڏيو، حڪومت

اسلام آباد (اياز مهر) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ خميس تي داخل ڪيل درخواست ۾ آرمي چيف جي مدت ۾ 6 مهينن واري مشروط واڌ جي عدالتي حڪم خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ استدعا ڪئي آهي. حڪومت جي داخل ڪيل متفرق دخواست ۾ عدالت کي اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته فيصلي خلاف حڪومت جي داخل ڪيل نظر ثاني واري درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 5 رڪني لارجر بينچ جوڙي وڃي. حڪومت عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته جسين نظر ثاني واري درخواست تي فيصلو اچي تيسين آرمي چيف جي 6 مهينن واري مشروط واڌ واري حڪم تي عمل درآمد روڪيو وڃي ۽ اسٽي آرڊر جاري ڪيو وڃي. ياد رهي ته 28 نومبر 2019 تي تڏهوڪي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 6 مهينن جي مشروط واڌ جو حڪم ڏنو هو. وفاقي حڪومت 6 مهينن تائين واسطيدارن قانون ۾ ترميم ڪري آرمي چيف جي مدت جي تعين ۽ ان ۾ 3 سالن جي واڌ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ بيان حلفي جمع ڪرايو هو. آصف سعيد کوسه جي رٽائرمينٽ بعد وفاقي حڪومت 26 ڊسمبر تي ان فيصلي خلاف نظر ثاني جي درخواست داخل ڪئي هئي. هاڻي حڪومت ان حڪم تي عمل درآمد روڪڻ لاءِ درخواست جاري ڪئي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو