آرمي چيف اهم دوري تي سعودي عرب پهچي ويو، ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سعودي عرب جي دوري تي رياض پهچي ويو آهي. هو سعودي عرب ۾ قيام دوران سعودي جي فوجي ۽ سول قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ڪندو.  اپريل جي آخر ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري بريفنگ ۾ ٻڌايو هو ته مئي جي شروع ۾ وزيراعظم عمران خان فوجي قيادت سان گڏ سعودي عرب جي ولي عهد پرنس محمد بن سلمان المعروف ايم بي ايس جي دعوت تي دورو ڪندو. هن تاريخ ته نه ٻڌائي هئي پر ذريعن موجب 7 مئي تي کين وڃڻو هو. هاڻي اوچتو آرمي چيف اڳ ۾ هليو ويو آهي ۽ اهو به واضح ناهي ته هو عمران خان جي سعودي پهچڻ تائين اُتي موجود هوندو يا موٽي ايندو. ذريعن موجب هي دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان ڪشمير سميت سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي انٽيليجنس ادارن جي سربراهن ۾ ڳالهيون به ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو