آئين ۽ قانون بدران جادو ٽوڻن تي ملڪ هلايو پيو وڃي، مريم نواز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ  نائب صدر مريم نواز چيو آھي ته ملڪي سلامتي سان واڳيل ادارن ۾ اهم مقرريون آئين ۽ قانون بدران  جادو ٽوڻي سان ڪري ٿو، فيصلا وزيراعظم بدران جِنَ مقرريون ڪندا ته ملڪ جو تماشو ئي ٿيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مليل سزا ختم ڪرڻ بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي بعد صحافين سان ڳالھائيندي مريم نواز چيو ته جيڪڏهن آئين ۽ قانون بدران جادو ٽوڻي تي ايترو ايمان آهي ته پوءِ مهنگائي تي ڪنٽرول ڇو نٿو ڪري.؟ هن ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي تناظر هن چيو ته اهم مقررين تي مسئلو آئيني اختيارن جو نه، پر حڪومت کي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ مهلت ڏيڻ جو آهي، هڪ ماڻهو جي مقرري تي ادارن ۽ ملڪ جو تماشو بڻايو ويو. ھن چيو تھ عمران خان، نواز شريف ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري، شينهن جِي کل پائڻ سان ڪو شينهن ناهي ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جو آئيني اختيارن ۽ جمهوري اصولن سان ڪوبه واسطو ناهي، هو آئيني ۽ چونڊيل وزيراعظم نه آهي. مريم نواز چيو تھ عمران خان نواز شريف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي وزير اعظم جي ڪرسي تي قابض ٿي ويو، قابض وزيراعظم ملڪ کي آئين ۽ قانون بدران جادو ٽوڻي سان هلائي رهيو آهي، عمران خان کي سياسي شهيد ٿيڻ نه ڏينداسين. مريم نواز چيو تھ سوال ميڊيا وارا ڪن ٿا ۽ نيب وارا چارج شيٽ مونکي ڪن ٿا، مريم نواز چيو ته نيب ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي، اِهو عدالت طئه ڪندي ته درخواستن تي ڇا ڪرڻو آهي، ڏسڻ چاهيان ٿي ته نيب ۾ منهنجو همدرد ڪير آهي؟ ان کي ته 22 توپن جي سلامي ملڻ گهرجي. ياد رکو مان گرفتاري کان نٿي ڊڄان ڀلي ضمانت رد ڪري گرفتار ڪريو، ماڻهو ڏسن ته هي ڪيترا ڊڄڻا آهن. ياد رهي ته مريم نواز جي وڪيل چيو ته مريم نواز کي بنا ثبوتن جي سزا ڏني وئي آهي اها ختم ڪئي وڃي. هن داخل پٽيشن ۾ چيو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج شوڪت صديقي جو بيان رڪارڊ تي آهي ته جنرل فيض حميد اسانکي سزائن لاءِ ججن تي دٻاءُ وڌو. مريم نواز چيو ته جڏهن چند ماڻهو پنهنجي خواهشن موجب حدون اورانگهيندا ته  انهن خلاف آواز اٿاربو، اسين آئين ۽ قاقنون جي حڪمراني جي جدوجهد ڪريون پيا ان لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو