آءِ ايم ايف کي خط لکڻ ملڪ دشمني جي برابر آهي: نوازشريف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ ملڪ دشمني جي برابر آهي.مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ نوازشريف قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي لاءِ پارليامينٽ پهچي ويو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ طرفان آءِ ايم ايف کي خط لکڻ بابت سوال تي نوازشريف چيو ته اهڙو خط پي ٽي آءِ باني ئي لکي سگهي ٿو، اهو سندس مشن آهي.نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڪابه سياسي پارٽي ائين خط نٿي لکي سگهي، ڇا اها ملڪ دشمني نه آهي، اوهان پاڻ ئي ان جا نتيجا ڪڍو. قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا.ٻئي طرف شهباز شريف به تحريڪ انصاف طرفان آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سائفر کان پوءِ آءِ ايم ايف جي خط مان ثابت ٿئي ٿو ته هي چاهين ٿا ته پاڪستان برباد ٿي وڃي. آءِ ايم ايف پروگرام ختم ڪرڻ لاءِ تحريڪ انصاف خط لکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو