آءِ ايس آءِ کي فون ٽريس ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي اجازت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان آءِ ايس آءِ کي فون ڪال ٽريس ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ وارو معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.فهد شبير نالي شهري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وزيراعظم، وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن ۾ آءِ ايس آءِ کي ماڻهن جا فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. پي ٽي اي ايڪٽ جي جنهن سيڪشن جي تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي انهي جا اڃان تائين رولز نه بڻجيا آهن.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو آئين شهرين جي پرائيويسي ۽ اظهار جي آزادي جي راءِ ڏئي ٿو. ڀارتي سپريم ڪورٽ موجب به ماڻهن جا فون ٽيپ ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت حڪومت جو آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني قرار ڏئي.شهري طرفان درخواست ڪئي وئي آهي ته حتمي فيصلي تائين مذڪوره نوٽيفڪيشن جي ڪارروائي معطل ڪئي وڃي ۽ حڪومت کي هدايت ڪئي وڃي ته پي ٽي اي جي ايڪٽ جي سيڪشن 56 جا رولز ٺاهيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو