اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) وزيراعظم عمران خان کي خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي کي نظر ۾ رکندي سوات جو دورو نه ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سوات ۾ اليڪشن ڪميشن جي ضلعي مانيٽرنگ آفيسر (ڊي ايم او) سليم الله کي 16 مارچ تي سوات جو دورو روڪڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ڊي ايم او چيو ته وزيراعظم جو سوات جو دورو ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي پنهنجي سيڪريٽري ذريعي نوٽيس موڪلي آگاهه ڪيو آهي، خلاف ورزي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. نوٽيس ۾ هن چيو ته عوامي عهدو رکندڙ شخص تڪن جو دورو نٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ سوات ۾ جمعيت علماءِ اسلام سوات جي مقامي تنظيم ڊي ايم او جي ممڪنه دوري خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران خان کي 11 مارچ تي لوئر دير ۾ ريلي ڪرڻ تي به پابندي لڳائي هئي، جڏهن ته چونڊ ضابطا اخلاق تي نظرثاني به ڪئي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته نظرثاني کانپوءِ پارليامينٽ ميمبرن کي چونڊ مهم جي اجازت ڏني ويندي پر سرڪاري آفيسرن کي چونڊ مهم کان روڪيو ويندو.










