ڳوڻاڻي جو احتجاج،ايس ايس پي جي ڊرائيور زيادتي پيو ڪري: شبير

ڳوڻاڻي جو احتجاج،ايس ايس پي جي ڊرائيور زيادتي پيو ڪري: شبير

نوشهروفيروز( ن سنڌيار)ابڙان ويجهو ڳوٺ رانجهو خان نائچ جي رهواسي پورهيت غلام شبير نائچ زخمي حالت ۾ پنهنجي گهرواري ارشاد خاتون ۽ نياڻين سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي داهيندي چيو آهي. ته ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس ۾ مقرر ڊرائيور غلام عباس نائچ پنهنجي ڀائرن ، ڀائٽين ،پٽ ڪابل،اسلم،مسڪين، فريد، شيرمحمد،سارنگ،مولابخش نائچ ۽ ٻين سان ملي اسان جي گهر تي حملو ڪري مونکي ڌڪ هڻي رتو رت ڪرڻ کان پوءِ اسان جي گهر ۾ پيل منهنجي ٻن نياڻين جو گڏ ڪيل ڏاج جو سامان سونا زيور روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا آهن اسان اهڙي داهن مٺياڻي ٿاڻي تي کڻي ويا سين ته ايس ايڇ او اسان جو ڪيس وٺڻ جي لاءِ تيار ناهي مجبوب ٿي پنهنجي گهر واري ۽ نياڻين سميت احتجاج ڪري رهيو آهيان هنن ظا لمن منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مان ايس ايس پي نوشهروفيروز ،ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد،آءِ جي سنڌ کي اپيل ٿو ڪريان ته مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪندس

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو