نوشھروفيروز (ن سنڌيار)هر سال جيان هن سال به ڳوٺ کاهي ممن ۾ شب عزاداري نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويئي ۽ مرڪزي العباس امامبارگاهه ۾ مجلس عزا برپا ڪئي يئي جنهن کي مولانا نادر علي لاشاري خطاب ڪيو انکانپوء شهزاده علي اصغر جو جهولو برآمد ڪيو ويو ۽ مومنن طرفان سينه زني ۽ زنجير زني پڻ ڪئي ويئي جڏهن ته علائقائي انجمنن عاشقان امام مهدي، المعصومه،سپاهه عباس، دعاء زهرا، گلشن امام سجاد ۽ ٻين پاران نوحه خواني پڻ ڪئي ويئي ان موقعي تي سبيل حسيني ۽ نياز نگر جو اهتمام پڻ ڪيو ويو۔










