گڏيل قومن جو  وفد ٿرپارڪر پهتو،تازي صورتحال تي ڊي سي جي بريفنگ

گڏيل قومن جو وفد ٿرپارڪر پهتو،تازي صورتحال تي ڊي سي جي بريفنگ

مٺي (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر حفيظ احمد سيال چيو آهي ته تازين برساتن دوران ٿرپارڪر ضلعي جو بيراجي علائقو ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيو آهي جنهن نه صرف ماڻهن کي پر فصلن ۽ مال متاءُ کي به متاثر ڪيو آهي ، سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميه ٿرپارڪر سان گڏجي برساتي پاڻي جي نيڪالي سان گڏوگڏ متاثرين جي رليف ، ريسڪيو ۽ بحالي لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻي رهي آهي . اهڙو اظهار هن دربار هال مٺي ۾ پاڪستان ۾ خوراڪ ۽ زراعت بابت گڏيل قومن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس فلورنس ۽ آيل وفد کي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ٿرپارڪر ضلعي انتظاميه پاران متاثر علائقن ۾ هلندڙ امدادي سرگرمين ۽ خوراڪ ۽ زراعت شعبي بابت تفصيلي آگاهي ڏيندي ڪيو . ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر وڌيڪ چيو ته برساتي پاڻي جو نيڪال ڍورو پراڻ ، ايل بي او ڊي جي ذريعي سمنڊ ۾ ٿئي ٿو پر هن سال شديد برساتون پوڻ سبب ڍورو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي گنجائش کان به وڌيڪ هو جنهن سبب ٿر جا بيراجي علائقا تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن . سنڌ حڪومت ڍورو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي مان پاڻي جي نيڪالي لاءِ قدم کڻدي بندن جي مضبوطي ۽ مستقل متبادل حل لاءِ اپاءُ وٺي رهي آهي .ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب بيراجي علائقن جا لڳ ڀڳ 13 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن جڏهن ته ڀرپاسي وارن ضلعن ميرپورخاص ، عمرڪوٽ ، بدين جا ٻوڏ متاثرين به ٿرپارڪر ۾ اچي رهيا آهن ۽ انهن جي رجسٽريشن پڻ ڪئي پئي وڃي ۽ چيو ته متاثرين لاءِ نوڪوٽ ڪيٽل فارم ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪري پڪل کاڌو ، پاڻي ، صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپون پڻ لڳايون پيون وڃن . ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر حفيظ احمد سيال وفد کي ٻڌايو ته خوراڪ ۽ زراعت شعبي جي حوالي سان ٿرپارڪر ضلعي جي ماڻهن جو دارو مدار چوپائي مال تي آهي ان ڏس ۾ جانورن کي مختلف بيمارين کان محفوظ بنائڻ لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ويڪسينيشن جو ڪم 89وٽنري سينٽرن ۽ موبائل ٽيمن جي مدد سان پوري ضلعي ۾ هلندڙ آهي . ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر وڌيڪ ٻڌايو جانورن جي کير کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مختلف علائقن ۾ ڪولڊ چين چلر پلانٽ پڻ لڳايا ويا آهن . زراعت جي حوالي سان هتان جا ماڻهو برساتي پاڻي تي فصل ۽ ڀاڄيون پوکين ٿا جنهن ۾ ڪڻڪ ، جوئر ، ٻاجهري ، گوار ، مٽر ۽ ٻيون سبزيون شامل آهن . ان موقعي تي پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت ڪنٽري ڊائريڪٽر مس فلورنس ۽ آيل وفد پاران ٻوڏ سبب متاثرين سان گهري همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن جي گڏيل سهڪار سان ٿر ۾ خوراڪ ۽ زراعت شعبي جي توسيع لاءِ اپاءُ پڻ ورتا ويندا . آيل وفد ۾ پراونشل ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر اشفاق احمد نايو ، هيڊ آف پراونس ڊاڪٽر روبينه وهاج ، نعيم اقبال ، ڊسٽرڪٽ ٽيم ليڊر ٿرپارڪر غلام مرتضي لاشاري ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر گريش، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سماجي ڀلائي کاتو امداد حسين چنه ، اسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪيلاش ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر گورڌن ، زراعت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو