گيلاني نااهلي کي ڀوڳيو هاڻ شهباز ڀوڳيندو:عمران خان

گيلاني نااهلي کي ڀوڳيو هاڻ شهباز ڀوڳيندو:عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني کي توهين عدالت تي نااهل ڪيو ويو، هاڻي شهباز شريف کي به نااهل ڪيو ويندو. چوڌري پرويز الاهي عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب جي چونڊن جي ٽڪيٽن تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ عمران خان مونس الاهي جي خيريت به پڇي.ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃڻ سان حڪمران غلط روايت ٺاهي رهيا آهن، پهرين يوسف رضا گيلاني کي توهين عدالت تي نااهل ڪيو ويو، هاڻي شهباز شريف کي به نقصان ٿيندو.هن چيو ته هو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري رهيا آهن.پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب ۾ اميدوارن تي تفصيلي مشاورت ٿي چڪي آهي، ٽڪيٽن جو اعلان عمران خان پاڻ ڪندو، اليڪشن روڪڻ لاءِ هر غير آئيني حربہ استعمال ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته نااهل حڪمرانن کي پنهنجي غير آئيني عملن جو جواب ڏيڻو پوندو، شهباز شريف آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي به اقتدار ۾ چپ رهڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو