گيس سلينڊر جو ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي، دوڪانن کي باهه

گيس سلينڊر جو ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي، دوڪانن کي باهه

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نم موڙ ڀرسان گئس سلينڊر جي دڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب خوفناڪ ڌماڪو ٿي پيو جنهن سبب دوڪان کي باهه لڳي وئي ۽ 3 ماڻهون  غلام شبير ،ھاشم ۽ ارمان ڦلپوٽو زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سلينڊر ڦاٽڻ ڪري ڀرسان ڪڪڙين جي دڪان ۾ به باھ لڳي وئي جنهن جي ڪري سوين ڪڪڙيون سڙي رک ٿي ويون  دوڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب علائقي جي ماڻھن موقعي تي پهچي  فائربرگيڊ وارن کي اطلاع ڏنو جنهن باهه وسائي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو