گيانا ۾ ٿيندڙ گلوبل سپر ليگ لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم جو اعلان

گيانا ۾ ٿيندڙ گلوبل سپر ليگ لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) گيانا ۾ ٿيندڙ گلوبل سپر ليگ لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو.گلوبل سپر ليگ لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم جي اڳواڻي (قيادت) نيوزيلينڊ جو مائيڪل بريسويل ڪندو. ٽيم ۾ پرويز حسين، شايان جهانگير، ڊيلانو پوٽگير ۽ عبدالله شفيق شامل آهن. ان کان علاوه اسامه مير، شامل حسين، محمد نعيم، عمران رندهاوا، مهران ممتاز، فرحان يوسف، شهاب خان، محمد باسط ۽ علي شبير به اسڪواڊ جو حصو آهن. لاهور قلندرز گلوبل سپر ليگ لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر شان ٽيٽ کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. لاهور قلندرز جي سي اي او (CEO) عاطف رانا اسڪواڊ ۽ هيڊ ڪوچ جي مقرري جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو