اسلام ڪوٽ(ن سنڌيار)گوڙاڻي ڊيم جي متاثرين عورتن،مردن ۽ ٻارڙن سميت پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي،ڌرڻو،اينگرو ڪمپني خلاف نعريبازي،انصاف جو مطالبو خبرموجب:ٿرڪول بلاڪ ٽو جي کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ گوڙاڻو ۾ ٺاهيل ڊيم سبب متاثر ٿيل ڳوٺ سليمان حجام جي رهواسين عورتن،مردن ۽ ٻارڙن سميت اينگرو ڪمپني جي زيادتين خلاف اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي،جتي ڪالھ ٽيئن ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي،رهواسين عورتن بيواھ حرمي ٻائي،حسينت ٻائي،رُڪائي ٻائي ۽ مردن ابراهيم حجام،عارب حجام،عرس حجام ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گوڙاڻي ڊيم سبب متاثر ٿي ٻي هنڌ عارضي طور ويٺل آهيون،اينگرو ڪمپني مسلسل شروع کان وٺي مسئلا حل ڪرڻ جا واعدا ڪيا،معاضي جي رقم سميت گهر ٺاهي ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا،جنهن مان ڪنهن هڪ تي به عمل ٿي ناهي سگهيو،اينگرو ڪمپني حقيقي متاثرين کي معاوضي واري رقم ۾ شامل ناهي ڪيو،اسان کي ڪا به سهوليت ناهي ڏني وئي،من پسندن کي معاوضي واري لسٽ ۾ شامل ڪري اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي،متاثرين جي سروي به غلط ڪئي وئي آهي،اسان سان سراسر زيادتي ٿي رهي آهي،ڪير دانهن نه ٿو ٻُڌي،انصاف نه ٿيڻ تائين احتجاجي ڪئمپ قائم رهندي.










