گوليمار ۾ پراڻي عمارت ڪرڻ سبب 16 فوت 20 زخمي،ڪيس داخل

گوليمار ۾ پراڻي عمارت ڪرڻ سبب 16 فوت 20 زخمي،ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گوليمار جي علائقي ۾ پراڻي عمارت زمين بوس ٿي وئي جنهن سبب 16 ڄڻا فوت ۽ 20 کان مٿي زخمي آهن واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيترائي ماڻهو ملبي ۾ دٻيل آهن ۽ ريسڪيو وارا ملبو هٽائي زخمين کي ڪڍي رهيا آهن، پوليس، رينجرز، ايڌي، چيپا ۽ ريسڪيو  جون ٽيمون سرگرم آهن. ماڻهن جو وڏو حجوم گڏ ٿي ويو آهي. مقامي ماڻهن موجب عمارت ڪرڻ سبب پاسي وارين عمارتن کي به نقصان پهتو آهي ۽ عمارت هيٺان بيٺل گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون به ملبي ۾ دٻجي ويون آهن. فوتين جا لاش۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال آندو ويو آهي. ڪريل عمارت ۾ 4 خاندان رهندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو