ڊرگهه بالا(محمد اسماعيل لانگاھ) دادو پوليس پاران ڪاڇي جي ڳوٺ پيارو خان لنڊ تي چڙهائي ڪري نيڪ مرد سميت 7 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف لُنڊ برادري پاران جوهي دادو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو, مظاهري جي اڳواڻي رئيس پسند خان لنڊ, نظير لُنڊ, ڀُٽو لنڊ, مراد علي لنڊ ۽ ٻين طرفان ڪئي وئي مظاهرين موجب دادو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري پيارو خان لنڊ سندس پُٽ وزير لنڊ, مير حسن, ڊرائيور انيس جمالي, نواز جمالي سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري پنج موٽرسائيڪلون, رڪشا, ڊاٽسن پڻ ڪاهي وئي آهن جيڪا سراسر ناانصافي آهي, هنن چيو ته گورک روڊ سان سياحن کان ڦُر واري واقعي بعد پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد بلاجواز گرفتاريون ڪيون آهن, مظاهرين موجب معاملي جي اڻ ڌُري جانچ ڪرائي گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاء وي بند ڪنداسين مليل آخري رپورٽن مطابق پيارو خان لنڊ, نظير, ميرحسن سميت ٻين چئن ڄڻن تي واهي پانڌي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو.










