گورنر کي ڇڏيو،اليڪشن جي تاريخ ڏيو: لاهور هاءِ ڪورٽ

گورنر کي ڇڏيو،اليڪشن جي تاريخ ڏيو: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مکالمي ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون؟ گورنر کي ڇڏي ڏيو ۽ اليڪشن جي تاريخ ڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس جواد حسن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جي پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران هن ڳالهه ٻولهه ڪئي.جسٽس جواد حسن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻيون آهن، ان کان اڳ معاشي صورتحال خراب هئي پر چونڊون ڪرايون ويون.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، ڪالهه ان حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي، گورنر خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري.عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته گورنر کي ڇڏي ڏيو ۽ اليڪشن جي تاريخ ڏيو، توهان تمام گهڻو ڪم ڪري رهيا آهيو، توهان پاڻ ئي اليڪشن جي تاريخ ڏيو، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا آهن.وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته 90 ڏينهن پورا ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي وقت آهي.جسٽس جواد حسن چيو ته اوهان تاريخ ڏيو ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، اسان ان جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪو آئين ۾ لکيل آهي.وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪو به نٿو چئي رهيو ته چونڊون نه ٿينديون.درخواستگذار اسد عمر چيو ته اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي ضمني چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، ضمني چونڊون سڄي ملڪ ۾ ٿيڻيون آهن، چونڊون جو شيڊيول جاري ڪرڻ وقت معاشي صورتحال کي نظر ۾ نه رکيو ويو. جسٽس جواد حسن چيو ته اسد عمر صاحب! اڄ ته اليڪشن ڪميشن تي خوش ٿيو، اڄ اليڪشن ڪميشن توهان جي موقف جي حمايت ڪري رهي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي خوش ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان ڪيس ۾ فل بينچ ٺاهي؟،پي ٽي آءِ فل بينچ نه ٺاهڻ جي درخواست ڪئي،گورنر پنجاب جو وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ جواب لاءِ وقت گهريو، عدالت گورنر جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ڪيترو وقت گهرجي؟،گورنر جي وڪيل جواب ڏنو ته مان 7 ڏينهن چاهيان ٿو،ان تي اسد عمر اعتراض ڪندي چيو ته جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ 7 ڏينهن ڏنا ويندا ته ڪافي وقت گذري ويندو، 7 ڏينهن ڏيڻ جو مطلب آهي ته اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ 22 ڏينهن گذري ويا هوندا،عدالت اسد عمر کي چيو ته جيڪڏهن توهان عدالت ۾ آيا آهيو ته پريشان نه ٿيو، چار پنج ڏينهن ڪجهه نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو