گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) عورت کي جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل گوجرانوالا ۾ ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل موجب جوابدار ڪيترن ئي مهينن کان وڊيوز جي آڙ ۾ عورت کي بليڪ ميل ڪري رهيو هو، جوابدار جي موبائيل فون مان واٽس اپ اڪائونٽ ۽ پڇا ڳاڇا واري ڊيٽا به هٿ ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف ايف آءِ اي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل گجرات مان انساني اسمگلر افتخار احمد کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار عام شهرين کي غير قانوني طور يورپ موڪلڻ ۾ ملوث هو.










