هن مند ۾ گوادر ۾ ايتري برسات ڪڏهن به نه پئي: موسميات کاتو

گوادر (ويب ڊيسڪ)گوادر ۾ 16 ڪلاڪن جي مسلسل برسات کانپوءِ بادل هڪ ڀيرو ٻيهر هيٺ لهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن کان نئين سسٽم تحت سڄي ملڪ ۾ تيز برساتون نظر اچي رهيون آهن، سياري جون برساتون عام طور تي ايتريون شديد نه هونديون آهن. سردار سرفراز چيو ته گوادر ۾ هن ڀيري غيرمعمولي برسات ٿي آهي ۽ گوادر ۾ ايتري برسات انهن مهينن ۾ ڪڏهن به ناهي آئي، سڀاڻي گوادر ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.چيف ميٽولوجسٽ چيو ته جنوري ۽ فيبروري ۾ جبلن تي پوڻ واري برف گهڻي دير نه رهندي، ڪي پي ڪي جي ڪجهه علائقن ۾ طوفاني برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ جو به خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو