گهوٽڪي(ن س) پوليس جي اغوا ۽ ڀنگ جي وارداتن خلاف ڪارروائي ۾ 16 ڌاڙيل مارجي ويا.ڊي پي او اختر فاروق موجب ڪچي ۾ آپريشن دوران 16 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته سنڌ پنجاب چيڪ پوسٽ تي 66 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو.ٻئي طرف ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري سان رابطو ڪري ورتو آهي.هٿيارن ۾ ڊرون، آرمرڊ ۽ فائر پاور وارا هٿيار شامل هوندا، ان کان علاوه سنڌ پوليس مشرقي يورپي ملڪ آرمينيا مان جديد رائفلون ۽ ڊارڪ ڊيوٽي دوربين ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول گاڏيون به خريد ڪري رهي آهي.










