نئون ديرو (ن سنڌيار) ڳوٺ ٻاجهي گوپانگ ۾ گهرو اڻبڻت تان وڏي ڀاءُ غلام رسول پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير گوپانگ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مقتول جي والد ميهر گوپانگ ٻڌايو ته جوابدار غلام رسول مقتول تي زال کي طلاع ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو، جوابدار پنهنجي ڀاڄائي کي طلاق ڏياري ٽئين شادي ڪرڻ پئي چاهي، جڏهن ته مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو ويو. جوابدار فرار ٿي ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي فرياد بعد کيس گرفتار ڪيو ويندو.










