اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پنجاب جي مٿانهن علائقن مان پاڻي پنجند تي پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. ڀارت پاران ستلج درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ سبب بهاولپور جي چئن تعلقن جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ملتان ۾ قاسم بيلا ويجهو شجاع آباد ڪينال ۾ پاڻي حد کان وڌيڪ اچي ويو آهي، واهه جي ٻنهي بندن تان پاڻي اوور ٽاپ ڪري رهيو آهي، واهه جا پشتا ٽٽڻ جو خطرو آهي، ملتان جو شير شاهه بند به اوور ٽاپ ڪري رهيو آهي، جنهن سان پڻ ڪيتريون بسٽيون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن. شهرين کي گهرن مان نڪرڻ ۽ سامان کڻڻ جي مهلت به نه ملي سگهي، سڪندري نالي ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب ملتان جي شهر لاءِ به خطرو پيدا ويو آهي،اڪبر فلڊ بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ سبب اڪبر پور ۽ بستي ڪوٽوال سميت آس پاس جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. فلڊ ڪميشن جي 5 سيپٽمبر تي 12 هين وڳي جي ڊيٽا موجب پنجند تي هاءِ فلڊ واري صورتحال ٿي وئي آهي. پنجند بيراج مظفر ڳڙهه ضلعي جي تعلقي علي پور جتوئي ۾ واقع آهي، جتي پنجاب جا پنج ئي درياهن جا وهڪرا گڏ ٿيندا آهن. پنجند کان پوءِ پاڻي مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. پنجند تي ان فلو 3 لک 10 هزار 479 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو ۽ پنجاب حڪومت پنجند بيراج جا سڀ دروازا مٿي ڪري ڇڏيا آهن ۽ جيترو پاڻي اچي ٿو اهو سڀ آئوٽ فلو ڪندي هيٺ ڇڏيو پيو وڃي. عام ڏينهن ۾ پنجاب حڪومت پنجند وٽ پاڻي روڪي رکندي آهي.پنجند بيراج مان 8 لک 65 هزار ڪيوسڪس پاڻي گذرڻ جي گنجائش آهي ۽ هتان ماضي ۾ وڌ کان وڌ پاڻي 17 آگسٽ 1973 تي 8 لک 2 هزار 516 ڪيوسڪس گذريو هو. ان جي ڀيٽ ۾ هن وقت اڌ پاڻي به پنجند تي موجود ناهي پر پوءِ به فلڊ ڪميشن ان کي هاءِ فلڊ ڊڪليئر ڪيو آهي. پنجند ستلج ويلي پروجيڪٽ جو حصو هو، ان جي اڏاوت 1925 ۾ شروع ٿي ۽ 1929 ۾مڪمل ٿيو هو. هتان عباسيه ۽ عباسيه لنڪ ڪينال نالي ٻه واهه نڪرندا آهن.
پاڪستان جي مک ڊيمز ۽ بيراجز جي گنجائش ۽ ماضي ۾ گذريل تاريخي وهڪرن جي ديٽا.

River Map, courtesy Dawn.com
فلڊ ڪميشن جي ڊيٽا موجب جهلم درياهه تي صورتحال نارمل ٿي وئي آهي، چناب درياهه جي مرالا هيڊ ورڪس تي ننڍي ٻوڏ، خانڪي، قادر آباد ۽ تريمو تي هاءِ فلڊ برقرار آهي. جڏهن ته راوي درياهه تي جسر وٽ وچولي، شاهدره تي هاءِ فلوڊ، بلوڪي ۽ سڌنائي تي ويري هاءِ فلڊ يعني مها ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي. ستل درياهه تي گنڊا سنگهه والا تي تمام مها ٻوڏ، سليمانڪي تي هاءِ فلڊ ۽ اسلام بيراج تي وچولي ٻوڏ جي صورتحال آهي. وفاقي توڙي سنڌ حڪومت 3 کان 5 سيپٽمبر تائين سنڌ ۾ وڏي پاڻي پهچڻ ۽ مها ٻوڏ جو جيڪو خدشو ظاهر ڪيو هو، اهو درست ثابت ناهي ٿيو. سنڌ جي ٽنهي بيراجن تي 5 سيپٽمبر تي منجهند تائين ننڍي ٻوڏ واري صورتحال آهي.










