ڊيمز ۽ بيراجز جي گنجائش ۽ ماضي جي وڏن وهڪرن جي تاريخ

ڊيمز ۽ بيراجز جي گنجائش ۽ ماضي جي وڏن وهڪرن جي تاريخ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ۾ ٺهيل ڊيمز ۽ بيراجز مان پاڻي جي خارج ٿيڻ جي ڪل گنجائش ۽ هيستائين وڏي ۾ وڏي وهڪري جي گذر بابت فلڊ ڪميشن آف پاڪستان جيڪا ڊيٽا مرتب ڪئي آهي، ان جو تفصيل هن ريت آهي. روزاني سنڌيار وٽ موجود دستاويز موجب تربيلا ڊيم مان پاڻي خارج ڪرڻ جي گنجائش 15 لک ڪيوسڪس آهي پر سنڌو درياءَ تي قائم هن ڊيم مان 30 جولاءِ 2010 تي وڏي ۾ وڏو وهڪرو رڳو 6 لک 4 هزار ڪيوسڪس جو گذريو هو. جهلم درياءَ تي قائم منگلا ڊيم مان پاڻي خارج ڪرڻ جي گنجائش 10 لک 60 هزار ڪيوسڪس آهي پر 10 سيپٽمبر 1992 تي هتان وڏي ۾ وڏو وهڪرو 10 لک 90 هزار ڪيوسڪس جو گذري چڪو آهي. سنڌ درياءَ تي ڪالا باغ وٽ ٺهيل جناح بيراج جي گنجائش ساڍا 9 لک ڪيوسڪس جي آهي ۽ هتان 14 جولاءِ 1942 تي ساڍا 9 لک ڪيوسڪس گذرڻ جو رڪارڊ موجود آهي. چشما جي گنجائش به ساڍا 9 لک جي آهي پر هتان پهرين آگسٽ 2010 ۾ 10 لک 36 هزار 673 ڪيوسڪس جو وهڪرو گذريو هو.اندش تي قائم پنجاب جي آخري ۽ چوٿين بيراج تونسا آهي جتان پاڻي گذرڻ جي وڌ ۾ وڌ گنجائش 10 لک ڪيوسڪس آهي ۽ هتان 2 آگسٽ 2010 ۾ 9 لک 59 هزار 991 ڪيوسڪس گذري ويا هئا. سنڌ ۾ جيڪي 3 بيراجز آهن انهن مان گڊو بيراج مان پاڻي گذرڻ جي گنجائش 12 لک ڪيوسڪس آهي ۽ 15 آگسٽ 1976 واري ٻوڏ ۾ هتان 11 لک 99 هزار 672 ڪيوڪس پاڻي گذريو هو. سکر بيراج مان پاڻي گذرڻ جي گنجائش 9 لک ڪيوسڪس آهي ۽ هتان 16 آگسٽ 1976 تي 11 لک 61 هزار جو وهڪرو وهي ويو هو. ڪوٽڙي بيراج مان پوڻا 9 لک ڪيوسڪس گذرڻ جي گنجائش آهي پر هتان 14 آگسٽ 1956 تي 9 لک 81 هزار ڪيوسڪس جو وهڪرو گذريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو