ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سوين ڪارڪنن ۽ شهرين پاران سومرا محله مان گذريل هڪ مهيني کان برسات جو گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ جنرل ڪائونسلر اسحاق سومرو ، اعجاز سومرو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس آڏو حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي روڊ تي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهي رهيون هڪ ڪلاڪ کان مٿي ڌرڻي کان پوءِ ميونسپل چيئرمين سيد شاهنواز شاهه، سي ايم او مسرور خشڪ ۽ مختيار ڪار ذوهيب ميمڻ مظاهرين کي ٽي ڪلاڪن اندر برسات جو گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي يقين دهاني کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل هڪ مهيني کان برسات جو گندو پاڻي بدبو اختيار ڪري ويو هو جنهن جي ڪري سومرا محلي جا رهواسي ۽ اسڪولي شاگرد، نمازي توڙي واپاري عذاب واري ڪيفيت مان گذري رهيا آهن.










