گمبٽ ۾ شهه رڳ کولڻ جو پهريون ڪامياب آپريشن

گمبٽ ۾ شهه رڳ کولڻ جو پهريون ڪامياب آپريشن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪ سائنسز (گمز) ۾ پهريون ڀيرو تنگ شهه رڳ کولڻ جو ڪامياب آپريشن TAVIڪيو ويو. اداري جي سربراهه ڪيپٽن (ر) ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته هن آپريشن جي نجي اسپتال ۾ ڪاسٽ 40 لک روپيا آهي ۽ گمز ۾ هي آپريشن مفت ۾ ڪيو ويو آهي.

هن آپريشن ۾ ٻن فارين جي ڊاڪٽرز به حصو ورتو. ماهرن جو چوڻ آهي ته دل مان آڪسيجن وارو خون جسم جي ٻين حصن کي پهچائڻ واري مک شريان جنهن کي عرف عام ۾ شهه رڳ به چيو ويندو آهي، اها مختلف سببن جي ڪري سڪڙجي ويندي آهي جنهن سبب جسم جي ٻين حصن ڏانهن خون جي سپلاءِ گهٽ ٿي ويندي آهي. هي مرض ڄمڻ وقت ٻارن ۾ ٿيندو آهي ڪنهن به وقت بالغ ماڻهن کي به ٿيندو آهي. عام طور تي ٻارن ۾ گهٽ ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو