گال ٽيسٽ: پاڪستاني ٽيم جا اڌ رانديگر پويلين موٽي وئي

گال ٽيسٽ: پاڪستاني ٽيم جا اڌ رانديگر پويلين موٽي وئي

گال (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن لنچ جي وقفي تائين اڌ پاڪستاني ٽيم پويلين موٽي وئي.گرين ڪيپس 188 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 320 رنسون گهربل آهن.
بابر اعظم جي ففٽي مڪمل
قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي، اها سندس ڪيريئر جي 23هين ففٽي آهي، بابر اعظم 76 رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيو آهي.امام الحق 49، محمد رضوان 37، عبدالله شفيق 16، آغا سلمان 4 ۽ فواد عالم هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.ٽئين ڏينهن وانگر چوٿين ڏينهن جي راند به گهٽ روشني سبب وقت کان اڳ ملتوي ڪئي وئي.508 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تائين 1 رانديگر جي نقصان تي 89 رنسون ٺاهي ورتيون.گذريل ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي امام الحق 46 رنسون ۽ ڪپتان بابر اعظم 26 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته عبدالله شفيق 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو