ڪڻڪ خريداري جا حدف پورا نه ڪرڻ تي صوبن مٿان ڪاوڙ

ڪڻڪ خريداري جا حدف پورا نه ڪرڻ تي صوبن مٿان ڪاوڙ

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ خريداري جا حدف پورا نه ڪرڻ تي صوبن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي کوٽ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيمه ۽ اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب کان علاوه لاڳاپيل ڊويزن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن به شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم جو هڪ هڪ پئسو بچائڻ اسان جي حڪومت جو فرض آهي. ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ موجود آهي. صوبا ذخيرو ڪندڙن خلاف قدم کڻن. وزيراعظم ڪڻڪ خريداري جا حدف پورا نه ڪرڻ تي صوبن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عوام کي ڪنهن به صورت ۾ پريشان نٿو ڪري سگهجي.هن چيو ته وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ قيمت تي اٽو فراهم ڪندي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ خريداري جا حدف پورا ڪن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه حڪومت جي به هر ممڪن مدد ڪندي. عوام جي خدمت اولين فرض آهي.درآمد ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورهاست لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي وزيراعظم چيو ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يقيني بنايو وڃي. هن چيو ته سمورن يوٽيليٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو قيمت 490 روپيه برقرار رکي ويندي ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ به ٻيا صوبا ساڳئي قيمت تي اٽي جو وڪرو يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻن.

پهنجو تبصرو موڪليو