ڪچي جو علائقو مڪمل ٻڏي وڃڻ تي لڏپلاڻ، سنڌ حڪومت رليف نه ڏنو،احتجاج

ڪچي جو علائقو مڪمل ٻڏي وڃڻ تي لڏپلاڻ، سنڌ حڪومت رليف نه ڏنو،احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي تباهه ڪارين سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کانپوءِ ڪچي جو علائقو مڪمل ٻڏي وڃڻ تي لڏپلاڻ ڪندڙ رهواسين کي سنڌ حڪومت طرفان ڪو به رليف ملي نه سگهيو . ٽنڊو محمد خان ضلعي جي 8 لک انساني آبادي مان تازين برساتين ۽ دريائي ٻوڏ سان ڪچي جي علائقي ۾ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ کانپوءِ ڪيل لڏپلاڻ جي باوجود متاثرين جي سائتا لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ڪروڙين روپين جي جاري ڪيل امدادي سامان راشن متاثرين کي نه ڏيڻ جي ڪري متاثرين جا اهنج ختم ٿي نه سگهيا آهن . مٿان وري برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي . سنڌ درياءِ ۾ پاڻي جي سطح وڌي رهي آهي . چانڊوڪي جي راتين جي ڪري سنڌ درياءِ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سان پڻ دريائي بند ٽٽڻ جو اڃان تائين خطرو ختم ٿي نه سگهيو آهي . جنهن جي ڪري علائقي جي عوام ۾ اڃان تائين خوف حراس واري صورتحال موجود آهي . علائقي جي متاثرين جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه ٽنڊو محمد خان جي متاثرين کي برسات ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود ڪو رليف نه ڏئي سگهي آهي . متاثرين جي ساهتا لاءِ مقبرو شريف ڀرسان قائم ڪيل ڪيمپن ۾ بااثر ماڻهن جي هارين ملازمن کي امدادي سامان فراهم ڪرڻ سان گڏ رهجي ويل متاثرين کي ڪا به امداد فراهم نه ڪئي وڃي ٿي . صرف بااثر ماڻهن جا نوڪر چاڪر سندن ملازم ۽ هاري سنڌ سرڪار جي مليل امداد مان سامان حاصل ڪري رهيا آهن . پر جيڪي اصل متاثر بي گهر ٿي پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي اچي مقبرو شريف جي جبلن تي پنهنجا خيما هڻي ويٺا آهن انهن جي ڪير به سنڀال لهي نه سگهيو آهي. سندن ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن . سندن پيارا بيماري جي ور چڙهي فوت ٿي رهيا آهن . مال متو مري ويو آهي . پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن . درياءِ جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن . افسوس آهي ته حڪمران اگهور ننڍ ۾ ستل آهن . علائقي جي سانڃا ونڌ سماج سڌارڳ ڌرين شهري اتحاد جي اڳواڻن نور حسن کوکر ، مير نسيم ٽالپر ۽ ٻين چيو آهي ته علائقي جي چونڊيل عوامي نمائندن جا پيٽ اڃان ڀرجي نه سگهيا آهن . جيڪو مال اچي ٿو اهو هڙپ ڪري وڃن ٿا سندن واٺا ۽ ملازم امداد حآصل ڪري رهيا آهن پر غريب کي ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي . جنهن جو اعلي عدالت کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي امداد عدالتي ڪميشن ذريعي تقسيم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو