ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي ڪپڙي ۽ چمڙي جي صنعت نه رڳو برآمدات جي لحاظ کان اهم آهي پر روزگار جي فراهمي، غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. 2024-2023ع ۾ ٽيڪسٽائيل جي برآمدات 16 ارب 60 ڪروڙ ڊالرن تائين پهتي جڏهن ته چمڙي جي صنعت 80 ڪروڙ 50 لک ڊالر پرڏيهي ناڻي جي مٽا سٽا ڪئي. وڏي وزير اها ڳالهه ايڪسپو سينٽر ۾ پنجين انٽرنيشنل ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي نمائش ٽيڪسپو 2024 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. نمائش جو انعقاد ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان پاران وزارت واپار جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، سفارتڪارن ۽ پرڏيهي وفدن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وڏي وزير 60 ملڪن جي 500 عالمي وفدن جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائيل ورثي ۽ چمڙي جي هنر جي نمائش لاءِ ٽيڪسپو جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. وڏي وزير واپاري دوست ماحول ۽ متنوع ايڪسپورٽ مارڪيٽن جي فروغ لاءِ حڪومت جي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ نشاندهي ڪئي ته ٽيڪسپو ۾ غير روايتي مارڪيٽن جهڙوڪ برازيل، ارجنٽائن ۽ فنلينڊ جي وفدن جي موجودگي پاڪستان جي صنعت ۾ پرڏيهي دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿو. وڏي وزير نمائش ۾ عالمي گروپس آئيڪيا، ايچ اين ايم گروپ ۽ باهو گروپ جي شرڪت کي پڻ ساراهيو جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي ساک کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. مراد علي شاهه چيو ته نمائش جو عنوان ”پائيداري ڏانهن اڳڀرائي“ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿو. هن پاڪستان تي گلوبل وارمنگ جي اثرن ۽ ڪپڙي ۽ چمڙي جي صنعت ۾ ماحول دوست پيداوار جي عزم تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته ٽيڪسپو 2024 ۾ استحڪام بابت سيمينار ۽ فيشن شو پڻ منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ مقامي ڪاريگرن جي ٺاهيل ڪپڙن جي نمائش ڪئي ويندي. وڏي وزير وفاقي وزير ڄام ڪمال جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسپو منعقد ڪرڻ تي وزارت واپار ۽ ٽڏاپ جي پڻ واکاڻ ڪئي. ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته نمائش پاڪستان جي ثقافتي ورثي ۽ پائيدار ترقي جي يقين سان واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي ترقي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. ٽيڪسپو 2024 کان 200 کان وڌيڪ وڏين پاڪستاني ڪمپنين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي ته جيئن بين الاقوامي خريدارن ۽ سيڙپڪارن تائين رسائي ڪري پاڪستان جي ڪپڙي ۽ چمڙي جي شعبي لاءِ نوان موقعا ڳولي سگهن.










