ڪينيڊا: چاقو جي حملي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا

ڪينيڊا: چاقو جي حملي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا

ساسڪيچوان (ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي شهر ساسڪيچوان ۾ چاقو جي حملي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن کي 13 مختلف هنڌن تي نشانو بڻايو ويو.پوليس حملي آورن جي سڃاڻپ ڊيمين سينڊرسن ۽ مائلس سينڊرسن طور ڪئي آهي.پوليس حملي آورن جون تصويرون به جاري ڪري ڇڏيون آهن پر اڃا تائين کين گرفتار نه ڪيو ويو آهي.فائرنگ جي ان واقعن ۾ زخمي ٿيل سوين ماڻهو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو حملن کي ”خوفناڪ“ قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو