ڪي پي ٽي جو  ڪارگو هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ قائم

ڪي پي ٽي جو ڪارگو هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ قائم

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پورٽ ٽرسٽ 138 سالا تاريخ ۾ ڪارگو هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. بحري معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري جو چوڻ هو ته ڪي پي ٽي 5 کرڙ 46 لک 85 هزار ٽن ڪارگو هينڊلنگ جو اڳوڻو رڪارڊ پار ڪري ورتو آهي، ڪارگو هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ بحري شعبي جي ترقي جو چٽو ثبوت آهي.جنيد انوار چوڌري چيو ته پاڪستان کي خطي جو مضبوط بحري ۽ تجارتي مرڪز بڻائڻ لاءِ سڌارا جاري آهن، بندرگاهن کي جديد خطن تي ترقي ڏيڻ ۽ ان جي توسيع لاءِ اقدامات تيز ڪيا ويا آهن. بحري معاملن واري وزير چيو ته سيڙپڪاري، لاجسٽڪس ۽ بندرگاهه جي نظام جي بهتري حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪي پي ٽي چيئرمين، آفيسرن ۽ ملازمن جي محنت ۽ پيشيوراڻيون صلاحيتون ساراهه جوڳيون آهن. ڪي پي ٽي جي چيئرمين ايڊمرل شاهد احمد جو چوڻ هو ته ڪراچي پورٽ جي گنجائش، آپريشنل ڪارڪردگي ۽ انتظامي صلاحيت ۾ نمايان بهتري آئي آهي، ڪراچي پورٽ جي مقابلي واري صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ اقدامات جاري رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو