ڪي پي: مقابلي ۾ 3 جوان شهيد، 3 خارجي مارجي ويا

ڪي پي: مقابلي ۾ 3 جوان شهيد، 3 خارجي مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ فتنه الخارج جي وچ ۾ فائرنگ جي تبادلي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 3 خارجي مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پوليس، ايليٽ فورس ۽ سي ٽي ڊي هڪ گڏيل آپريشن ڪيو جنهن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته گڏيل آپريشن ڪبل گرام جي ڏکين جبلن وارن علائقن ۾ ڪيو ويو جتي مارجي ويل دهشتگرد انتهائي گهربل هئا.ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد فتنه الخارج جي اڳواڻ نور اسلام جي سر جي قيمت 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب، هن آپريشن دوران، هڪ دهشتگرد گرفتاري کان بچڻ لاءِ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي هن شديد تبادلي دوران 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، جن ۾ مقبول احمد، فدا حسين ۽ سعيد الرحمان شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو