پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عيد کان اڳ ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ لاءِ خزاني ۾ پئسا ناهن.خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري ملازمن کي عيد کان اڳ پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جو معاملو اڄ نگران ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ اپريل جون پگهارون ۽ پينشن مئي ۾ جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن موجب ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ لاءِ خزاني ۾ پئسا ناهن، پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ سان صوبو ڊفالٽ ٿي ويندو، جڏهن ته صوبي کي ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ حڪومت کي قرض وٺڻو پوندو.ناڻي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت وٽ 21 سيڪڙو سود تي قرض وٺڻ جو اختيار آهي، پگهارن ۽ پينشن جي مد ۾ 45 ارب رپيا ادا ڪرڻا پوندا.دستاويز موجب عيد کان اڳ پگھارن ۽ پينشن جي ادائگي جي حوالي سان به تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، گريڊ هڪ کان چوٿين تائين جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي ادائگي لاءِ اربين رپيا ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن به ادا ڪرڻي پوندي. گريڊ هڪ کان 11 تائين جي ملازمن کي ساڍا 22 ارب رپيا ادا ڪرڻا پوندا، گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن کي پگهار ۽ پينشن جي مد ۾ 38 ارب 70 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا.










