ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪي پي او تي حملي جي جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي.سي ٽي ڊي ذريعن موجب ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي سهولتڪارن جي ڳولا ۾ رات دير سان وڌيڪ ڇاپا هنيا ويا، جنهن دوران سي ٽي ڊي افغان بستي ويجهو ڪارروائي ڪري ٽن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي افغان ٽائون شپ ۾ ڪئي وئي ۽ ان دوران هڪ خاص گهر تي ڇاپو هنيو ويو جتان گرفتار ٿيلن وٽان موبائل سمز هٿ ڪيون ويون.ذريعن موجب بلاڪ ڪيل 100 مان 12 نمبر جيو فينسنگ ۾ سمز سان ملائي رهيا آهن، جڏهن ته حملي وقت جيو فينسنگ ۾ 100 کان وڌيڪ نمبرن کي شڪي قرار ڏنو ويو ۽ حملي کانپوءِ 10 کان 12 نمبر بلاڪ آهن.










