ڪي پي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، ايوان ۾ ڇڪتاڻ

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو،صوبائي اسيمبلي جو افتتاحي اجلاس صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو جيڪو 1:30 وڳي شروع ٿيو.خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سڀ کان پهرين شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مشتاق غني 115 نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.انتظاميا پاران اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ پاسز جاري ڪيا ويا آهن ۽ اسيمبلي ۾ ماڻهن جي گنجائش به گهٽ آهي، جنهن سبب اجلاس کان اڳ ئي اسيمبلي ۾ سخت ڇڪتاڻ نظر اچي رهي آهي.جيڪي ماڻهو اسيمبليءَ جو اجلاس ڏسڻ چاهيندا هئا، اهي رش ۾ اسيمبلي هال ۾ داخل ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو جن وٽ پاس نه هئا، اهي به اسيمبلي هال ۾ داخل ٿيا، هو اتي وڃي ويهي رهيا.پوليس ڌرڻي کانپوءِ اسيمبلي جو دروازو بند ڪري ڇڏيو پر ڪارڪنن ٻاهرئين رستن تان ٽپو ڏئي اسيمبلي جي احاطي ۾ داخل ٿي ويا.ڇڪتاڻ سبب ميڊيا جي ڪيترن ئي نمائندن کي اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو نه مليو ۽ اڪثر نون چونڊيل ميمبرن کي گاڏيون پارڪ ڪرڻ ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو