ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي بجلي سستي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي بجلي سستي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي بجلي سستي ڪرڻ لاءِ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪراچي لاءِ بجلي 10 رپيا 26 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ ڊسمبر 2022ع جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا کان اها گهٽتائي جي درخواست ڪئي آهي، نيپرا طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي 30 جنوري تي ٿيندي. مڪمل منظوري جي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين کي 12 ارب رپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو