ڪوهلي جي 49 هين سينچري، ٽنڊولڪر جو رڪارڊ برابر

ڪوهلي جي 49 هين سينچري، ٽنڊولڪر جو رڪارڊ برابر

ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ليجنڊري رانديگر سچن ٽنڊولڪر جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 49 سينچريون ٺاهڻ جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. ويرات ڪوهلي ڪولڪتا ۾ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پنهنجي 35 هين سالگرهه جي موقعي تي شاندار سينچري اسڪور ڪري ٽنڊولڪر جو رڪارڊ برابر ڪيو.


ڪوهلي 49 هين سينچري جو سنگ ميل 289 هين ميچ ۾ عبور ڪيو. جڏهن ته سچن ٽنڊولڪر 49 سينچريون 463 ميچز ۾ ٺاهيون هيون. ٽنڊولڪر 96 ففٽيون به ٺاهيون ۽ هن جون ون ڊي ۾ 18 هزار 426 رنز آهن. جڏهن ته ويرات ڪوهلي هن مهل تائين 13 هزار 600 رنز اسڪور ڪيون آهن، هن جون 71 ففٽيون به آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو