ٺٽو( رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ )جنگشاهي جي ڪوهستاني علائقي مارو جبل ۾ هٿ آيل غارن بابت آرڪيالاجي کاتي جي ماهرن جي ٽيم پهچي تحقيق شروع ڪري ڇڏي، ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران مقرر ڪيل ماهرن جي ٽيم ڪي فور منصوبي لاءِ کوٽائي دوران ظاهر ٿيل هڪ ڊگهي غار ۽ ان مان نڪرندڙ ٻين غارن جو جائزو وٺي فوٽوگرافي ڪري علائقي واسين کان ڄاڻ ورتي. آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالفتاح شيخ ۽ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي اڳواڻي ۾ پهتل ماهرن جي ٽيم ابتدائي تحقيق ۾ غار کي قدرتي قرار ڏيندي ان غار ۾ قديم دور ۾ انسانن جي رهائش توڙي جنگين جي دوران هن ڊگهي غار کي استعمال ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، آرڪيالاجي ماهرن جي ٽيم ۾ ڪراچي کان پهتل آرڪيالاجي ماهر مس زاهدا قاضي، آرڪيالاجي انجنيئر سرفراز جتوئي ۽ مڪلي قبرستان جي ڪيوريٽر غيور عباس شاه پڻ شامل هئا، آرڪيالاجي ماھرن آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالفتاح شيخ ۽ سنڌ لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي موجب ابتدائي جائزي مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڊگھو غار قدرتي آهي جنهن جي منهن وارو حصو سنهو ۽ اندريون حصو ويڪرو آهي، مارُو جبل ۾ ظاهر ٿيل غار مان اندر مختلف غارون پڻ نڪرن ٿيون جيڪي انتهائي ڊگهيون آهن، تنهنڪري ان لاءِ جيولاجيڪل ٽيم کان مدد ورتي ويندي. ھنن چيو ته مارُو جبل ۾ ظاهر ٿيل غار جيتوڻيڪ قدرتي آهي پر دورِ قديم ۾ ان ۾ انسانن جي رهائش توڙي لڳندڙ جنگين ۾ انسانن پاران ان کي پناه گاه طور ان کي استعمال ڪرڻ جو امڪان موجود آهي. آرڪيالاجي ماهرن جي ٽيم پاران ماڻهن جي وڏي انگ ۾ غار تي پهچي اندر داخل ٿيڻ تي سخت خدشا ظاهر ڪندي ضلعي انتظاميه کي فوري طور تي ماڻهن جي غار ۾ داخل ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. ڇاڪاڻ جو ڊگهي غار جي مختلف حصن ۾ تمام وڏا ۽ خطرناڪ قسم جا پٿر به موجود آهن جيڪي غارن ۾ اندر داخل ٿيندڙ ماهرن جي زندگين لاء خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا تنهنڪري ماڻهن جي غار ۾ داخلا کي روڪڻ جي ضرورت آهي.
حڪومت جو کنڊ برآمد نه ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ ڳالهيون نه ڊيل لاءِ چئي رهي آهي: شرجيل ميمڻ
اغوا ٿيل جج شاڪر الله بازياب نه ٿي سگهيو،ڳولا لاءِ ڪميٽي قائم
باجوڙ ۾ برسات سبب ڪمري جي ڇت ڪري پئي، 2 عورتون فوت
اڄ ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان
ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ سڪيورٽي قتل
آمريڪي پرڏيهي وزير سڀاڻي سعودي عرب جو دورو ڪندو
پلان تي عمل ڪندي بالنگ ۽ بيٽنگ ۾ سٺي راند کيڏي، بابر اعظم
هالي ووڊ پروجيڪٽ کي خاص سبب قبول نه ڪيو
‘فل فراءِ’ ٿيل قانون ۽ انصاف جو سرشتو
اڄوڪي-اخبار-2024-04-28
اڄوڪي-اخبار-2024-04-28
عدليا جي آزادي لاءِ اهڙو نظام جوڙجي جيڪو فرد جو ماتحت نه هجي
شاهين جا 4 شڪار، نيوزيلينڊ کي 9 رنز تان شڪست سيريز برابر
فواد چوڌري جي پي ٽي آءِ ۾ واپسي جو امڪان
پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل فورس ٺاهڻ جو فيصلو
منشيات فروشن خلاف ڇاپا، 2 جوابدار سڳ سوڌا گرفتار
آمريڪا ريڊ لائنز ڪراس نه ڪري، چين جو پيغام
اسيمبليءَ جي قيام سان پارلياماني جمهوريت جي شروعات ٿي
وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، اهم شخصيتن سان ملاقاتون