ڪولهين جي جلوس تي پوليس تشدد، بلاول پاران جاچ جو حڪم

ڪولهين جي جلوس تي پوليس تشدد، بلاول پاران جاچ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عمرڪوٽ ۾ احتجاج دوران ڪولهي برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارن تي پوليس تشدد جو نوٽيس ورتو آهي. بلاول ڀٽو سنڌ سرڪار کي معاملي جي فوري جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو آهي ته پُرامن احتجاج سڀني جو هق آهي ۽ ان تي پوليس جي تشدد کي برداشت نه ڪيو ويندو. هوڏانهن عمرڪوٽ مان نمائندي موجب پوليس جي زيادتين خلاف ڪولهي برادري جي ماڻهن پرامن اهتجاج ڪيو ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، چڪرين ۽ شيلنگ ۾ عورت سوڌو 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس اهلڪار 5 مظاهرين کي کنڀي کڻي ويا. ڳوٺ فضل چوهاڻ واسي ڪولهي برادري جي ماڻهن چوهاڻ برادري جي بااثرن جي زيادتين خلاف عمرڪوٽ ۾ مظاهرو ڪيو. الله والا چوڪ تي ڌرڻي دوران ڊي ايس پي سٽي ۽ ايس ايڇ او جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس نفري پهتي، پوليس پُرامن مظاهرين جو مسئلو ٻڌڻ بدران مٿن لٺيون وسائڻ شروع ڪيون. جنهن کانپوءِ مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون. مظاهرين پوليس جي گاڏيءَ تي پٿراءُ به ڪيو. پوليس مظاهرين تي شيلنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن عورت سوڌو 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان کانسواءِ پوليس اهلڪار 5 ڄڻن کي کنڀي ويا. جنهن تي ڪولهي برادري جي سوين ماڻهن  پوليس خلاف ڌرڻو هنيو.

پهنجو تبصرو موڪليو