ڪوروناسبب 6 مهينن کانپوءِ  هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ فوتگيون

ڪوروناسبب 6 مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ فوتگيون

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ملڪ ۾ شدت سان هلي رهي آهي  جنهن جي نتيجي ۾6 مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ 111 رڪارڊ فوتگيون ٿيون آهن ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 37هزار173 ٽيسٽ ڪيا ويا ، جن مان 2هزار256 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي۽  111 وڌيڪ ڪورونا مريض فوت ٿي وياآهن.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وائرس سبب فوتين جو تعداد ڇهه مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.ان کان پهريان  25 جون تي  سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب 148 موت جا واقعا رپورٽ ٿياهئا.سرڪاري پورٽ موجب  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا  جي مثبت شرح 5.3 سيڪڙو رهي. سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 9هزار668 ٿي ويو آهي  ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک65هزار070 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 38هزار268 آهي.ان کان علاوه  سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار782 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک17هزار134 ٿي ويو آهي.سرڪاري رپورٽ مطابق  سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک07هزار407 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار419 ماڻهو هينئر تائين ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک33هزار874 آهي ۽ وائرس سبب 3هزار783 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار005 آهي ۽ فوتين جو تعداد 181 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد 56هزار160 آهي ۽ 1هزار577 فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8هزار065 ڪيسن جو ڪل تعداد آهي ۽ 211  مريض فوت ٿي ويا آهن. گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار838 تائين پهچي چڪو آهي ۽ 99 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 36هزار721 آهي ۽ هن وقت تائين 398 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو