اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 32 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن ۽ 18 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 34هزار524 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار877 ماڻهون ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ 32 ڪورونا وائرس جا مريص فوت ٿي چڪا آهن.سرڪاري پورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 5.9 سيڪڙو رهي آهي.سرڪاري پورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 10هزار676 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 5لک 42هزار 092 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 35هزار246 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1هزار402 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک58هزار371 ٿي چڪو آهي.صوبن جي صورتحال سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک26هزار338 تائين پهچي چڪوآهي جڏهن ته 3هزار699 ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک45هزار508 آهي ۽ وائرس سبب 4هزار272 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار412 آهي ۽ فوتين جو انگ 188 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 61هزار424 آهي ۽ 1هزار740 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8هزار489 ماڻهو وائرس سان متاثر ٿيا ۽ 235 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪيسن جو ڪل تعداد 4هزار880 آهي ۽ 101 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 39هزار242 آهي ۽ هن وقت تائين 441 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










