اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن دوران 53 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 392 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 69 لک 19 هزار 699 ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 272 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 86 هزار 634 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 17 هزار 636، پنجاب ۾ هڪ لک 40 هزار 188، خيبرپختونخواهه ۾ 59 هزار 255، اسلام آباد ۾ 38 هزار 146، بلوچستان ۾ 18 هزار 218، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 325 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 866 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزار 663 ٿي ويو آهي جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 866 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي،. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 53 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 10 هزار 311 ٿي ويو آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 686 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 40 هزار 660 ٿي ويو آهي.










