ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 26 مريض فوت

ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 26 مريض فوت

اسلام آباد ( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 26 مريض فوت ٿي ويا ۽ 1هزار 615 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 34هزار785 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار615 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 26 مريض ڪورو نا وبا سبب فوت ٿي ويا آهن.سرڪاري انگن اکرن مطابق  ملڪ ۾ ڪورونا کان جوتين جو تعداد 11هزار683 ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 5لک 46هزار428 ٿي چڪوآهي  جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 33هزار495 آهي.ان کان علاوه  سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار278 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن ، صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 51هزار252 ٿي ويو آهي سرڪاري بندرگاهه مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک47هزار249 تي پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار996 ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک57هزار796 آهي ۽ وائرس سبب 4هزار747 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار823 آهي ۽ فوتين جو انگ 195 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد  67هزار214  آهي ۽ ڪورونا سبب 1هزار 906 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد  9هزار019 آهي ۽ ۽ 262  مريض ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار909 آهي  ۽ 102 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 41هزار418 آهي ۽ هن وقت تائين 475 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو