اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا وائرس سب ملڪ ۾ وڌيڪ 84 ماڻهو فوت ۽ 2هزار100 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 35هزار621 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 2هزار142 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي ۽ 84 مريض ڪوروناوائرس سبب فوت ٿي ويا.سرڪاري رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناجي مثبت شرح 5.7 سيڪڙو رهي.ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو تعداد 9هزار557 چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک62هزار814 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 37هزار905 آهي.ان کان علاوه 24 ڪلاڪن ۾ 4هزار415 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙ مريضن جو ڪل تعداد 4لک15هزار352 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک06هزار489 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته 3هزار379 مريض هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک33هزار179 آهي ۽ ڪورونا وائرس سبب 3هزار732 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار980 آهي ۽ فوتين جو تعداد 179 آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 55هزار811 آهي ۽ فوتين جو تعداد 1هزار563 ٿي ويو آهي ، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8هزار040 ماڻهو وائرس سان متاثر ٿيا آهن۽ 211 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا آهن. گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين 4هزار832 ڪورونا وائرس جا ڪل ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن ۽ 99 ڪوروناجا مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جوڪل تعداد 36هزار483 ٿي چڪوآهي ۽ هن وقت تائين 394 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










