ڪورونا سبب 18 ڄڻا فوت، ايس او پيز تي عمل ڪريو

ڪورونا سبب 18 ڄڻا فوت، ايس او پيز تي عمل ڪريو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 18 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار 313 نوان ڪيس ظاهر، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 14 هزار 646 آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اين سي او سي جي حڪمن تي عمل لاءِ رات جي وقت هوٽل ۽ دڪان بند ڪرائڻ جو پڻ سلسلو جاري آهي، ڪٿي ايس او پيز تي عمل ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي عمل نه پيو ڪيو وڃي، انتظاميه طرفان ڪارروايون جاري آهن. اين سي او سي واٽس ايپ نمبر جاري ڪندي چيو آهي ته خلاف ورزي جي صورت ۾ علائقي جو نالو لکي تصوير اماڻيو ته ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو