ڪورونا 40 وڌيڪ فوت،3هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا 40 وڌيڪ فوت،3هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪرونا وائرس سبب 40 کان وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا آهن ۽ 3هزار300 کان وڌيڪ نوان ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿياآهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ  مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناجا   45هزار999  ڪيس ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 3هزار 306 ماڻهن  ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته 40 وڌيڪ وائرس کان متاثر مريض فوت ٿي ويا. سرڪاري پورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 7.1 سيڪڙو رهي آهي.سرڪاري  پورٽل مطابق پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن سبب فوتين جو تعداد 7هزار 843 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيسن جو ڪل انگ 3لک86هزار198 تائين پهچي ويو آهي. ان کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ 1هزار 418  ڪورونا مريض 24 ڪلاڪن ۾صحتياب ٿي چڪا آهن.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک67هزار 381 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 2هزار 866 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن. بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 16هزار 942 آهي ۽  فوتين جو تعداد 165  ٿي چڪو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 45هزار 828  ٿي چڪو آهي ۽ فوتين جو تعداد  1هزار344 ٿي چڪو آهي  جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 6هزار403 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا ۽ 152 ماڻهو  فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار583 ٿي ويو آهي ۽ 96 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وفاقي گادي واري اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 28هزار 555 آهي ۽ هن وقت تائين 297 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو